ٽه جلدي علم طبعي

ٽه جلدي علم طبعي (ڪتاب ):هن ڪتاب جو موضوع ”دنيا جي جاگرافي“ ۽ ”علم طبعي“ آهي. ڪتاب جو مصنف هريسنگ ڊنگو مل آهي. 144 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 6 آنا ڇهه پايون ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، چشمه نور پريس، امرتسر مان سال 1888ع ۾ ڇپيو. ساڳئي نالي سان ٻيو ڪتاب مسٽر واحد بخش جو لکيل آهي، جيڪو سال 1894ع ۾ لاهور جي اسلاميه پريس مان ڇپيو. هن ڇاپي ۾ 210 صفحا آهن ۽ قيمت 3 آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو